اگهي ڪير ڳوڙها

اگهي ڪير ڳوڙها (ڪتاب ):هي ڪتاب نئين ٽهيءَ جي شاعر اياز رضويءَ جي شاعريءَ جو مجموعو آهي. هِن ڪتاب ۾ صرف غزل شامل آهن، جيڪو اميشا پبليڪيشن نئين ڪوٽ پاران سال 2005ع ۾ شايع ٿيو.
هي ڪتاب پڪي جلد، ڊيمي سائيز ۽ 136 صفحن تي مشتمل آهي. هن ڪتاب جو مهاڳ نئين ٽهيءَ جي ناليواري شاعر ايوب کوسي لکيو آهي، جڏهن ته تاج بلوچ، وفا ناٿن شاهيءَ، سيد ماڪن شاهه رضويءَ، حنيف عاطر، امر ساهڙ ۽ نصير مرزا جا رايا به ڪتاب ۾ ڏنا ويا آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو